شاهه شجاع الملڪ مسجد

شاهه شجاع الملڪ مسجد (ماڳ): حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ شاهه شجاع الملڪ مسجد آهي. هيءَ قديم مسجد مير ڪرم علي خان ٽالپر جي دور ۾ ٺهي راس ٿي. شاهه شجاع الملڪ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ افغانستان مان حيدرآباد آيو ۽ ميرن کي ٺاهه ڪرڻ جو چيائين. هن ضد ٻڌو ته جيستائين ٺاهه نه ٿيندو، هو حيدرآباد مان نه نڪرندو. شاهه شجاع جي لشڪر ۾ هند، ايران ۽ افغانستان جا ويڙهاڪ شامل هئا ۽ جتي به حملو ڪندو هو، اتي فتح ماڻيندو هو. ميرن شاهه شجاع جو ضد ڏسي ساڻس مجبور ٿي ٺاهه ڪيو، ۽ شاهه شجاع چيو ته، “ميرن جو وقار تيستائين بلند رهندو، جيستائين شاهه شجاع جو وقار بلند رکندا.” انهيءَ ڪري ميرن جي وزير آغا اسماعيل شاهه پنهنجي علائقي ۾ شاهه شجاع جي نالي سان هڪ مسجد قائم ڪرائي، جيڪا هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي.


لفظ شاهه شجاع الملڪ مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو